مشڪل فيصلي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مفاد تحت قبول ڪيو آهي؛چيف سليڪٽر معين خان

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ موجوده ٽيم جي چيف سليڪٽر معين خان چيو آهي ته مشڪل فيصلي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مفاد تحت قبول ڪيوآهي، جيئن پاڪستان ڪرڪيٽ جا معاملا بهتر انداز سان هلي سگهن. قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان مينيجر جو عهدو ڇڏڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته هو وقت اچڻ تي ان حساس معاملي تي ڳالهائيندو، ڇاڪاڻ جو هن وقت قومي ٽيم ورلڊڪپ جي  تيارين ۾ مصروف آهي ۽ هو هن معاملي تي بيان ڏئي تيارين کي متاثر نٿو ڪرڻ چاهي. معين خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته بورڊ جي پاليسي تحت هو ٻيو عهدو به ڇڏڻ لاءِ تيار هو پر ٽيم جي مفاد ۾ هن مينيجر واري عهدي کان ڌار ڪرڻ واري بورڊ جي فيصلي کي قبول ڪيو آهي. هن چيو ته سندس ڪيريئر صاف رهيو آهي هو، ڪڏهن به ڪنهن تڪرار ۾ ملوث نه رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي موجوده ٽيم بهترين رانديگرن تي ٻڌل آهي ۽ هو گهڻو پراميد آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ ٽيم سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *