مخدوم امين فهيم چيلنج ڪپ آخري مرحلي ۾ داخل

ڀٽ شاهه (اسپورٽس نيوز) لطيف جي نگري ڀٽ شاهه جي ملاکڙا اسٽيڊيم ۾ فقير حسين علي جعفري جي ميزباني هيٺ هلندڙ مخدوم امين فهيم چيلنج ڪپ آخري مرحلي ۾ داخل، ٽورنامينٽ جو ڪوارٽر فائنل مرحلو مڪمل ٿي ويو، ڪوارٽر فائنل جي آخري ٻن ميچن ۾ مخدوم اليون، مهراڻ اليون هالا کي هارائي ڇڏيو، جڏهن تـ  مورو سٽي ۽ خاور اليون جو ميچ امپائر جي فيصلي تي احتجاج طور تڪرار جي ور چڙهي ويو، خاور اليون ميچ جو بائيڪاٽ ڪري وئي ۽ مورو سٽي کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، ڪوارٽر فائنل ۾ مهراڻ اليون هالا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 12 اوورن ۾ 73 رنسون ٺاهيون، جيڪو ٽارگيٽ مخدوم اليون 11 اوورن ۾ حاصل ڪري ميچ کٽي ورتي، مخدوم اليون جي ڪامران کي 4 وڪيٽون وٺڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، ٻي ڪوارٽر فائنل ۾ مورو سٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 98 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ خاور اليون 11 اوورن ۾ 84 رنسون ٺاهيون تـ امپائر پاران بيٽسمين کي آئوٽ قرار ڏيڻ واري فيصلي تي تڪرار سبب خاور اليون ميچ جو بائيڪاٽ ڪندي گرائونڊ مان ٻاهر نڪري وئي، جنهن بعد ٽورنامينٽ جي سيڪريٽري مورو سٽي اليون کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو، اهڙي طريقي سان ڪوارٽر فائنل جو مرحلو پڄاڻي تي پهتو، پ پ اڳواڻ مخدوم فخرالزمان، سڪندر شاهه، محمد سومار شيدي، فقير حسين علي، غلام اڪبر ڀٽو، محمد رحيم کوسو، نثار شيخ، ڊاڪٽر يونس ڇڄڙو، فاروق نوحپوٽو، نثار ساگر ۽ ٻين مهمانن بهترين رانديگرن ۾ روڪ انعام ۽ ايوارڊ ورهايا، هاڻي سيمي فائنل جا مقابلا مخدوم فخرالزمان اليون، مخدوم محبوب الزمان اليون، مورو سٽي ۽ مخدوم اليون وچ ۾ کيڏيا ويندا، ڪوارٽر فائنل جي ميچن دوران ملاکڙا اسٽيڊيم شوقينن سان ڀريل هو، جيڪي ڪرڪيٽ ميچن مان لطف اندوز ٿيندا رهيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *