مختلف بين الاقوامي ايونٽس ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري عالمي رينڪنگ ۾ پنهنجو مقام بهتر بڻائيندس: عامر اطلس

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) قومي اسڪوائش جي نالي وارو رانديگر عامر اطلس چيو آهي ته هلندڙ سال مختلف بين الاقوامي ايونٽس ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظآهرو ڪندي عالمي رينڪنگ ۾ ٽاپ ٽيپ پوزيشن تي پنهنجومقام بڻائيندو. سال 2015ع ۾ پاڪستان طرفان ٻن بين الاقوامي ايونٽس جي ميزبان سٺو سنوڻ آهي. گذريل ڏينهن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته پروفيشنل اسڪوائش ايسوسيئيشن (پي ايس اي) فيبروري ۽ مارچ ۾ ٻن بين الاقوامي 25-25 هزار ڊالر ايونٽس جي ميزباني پاڪستان کي ملي آهي، جيڪي نه صرف رانديگرن پي سموري ملڪ لاءِ بهتر آهي. هن چيو ته سال 2014ع ۾ عالمي ريڪنڪگ ۾ 100 کان 65هين نمبر تي آيو آهي. اُميد آهي ته سال 2015ع ۾ مختلف بين الاقوامي مقابلن ۾ بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي ٽاپ ٽين پوزيشن تي پنهنجو مقام بڻائيندو. هن چيو ته فيڊريشن ڪوچنگ جي معيار ۾ بهتري اچي رهي آهي، جنهن جو رانديگر تي سٺو اثر پوندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *