محمد حفيظ کي ون ڊي ٽيم جو ڪپتان ۽ سرفراز احمد کي نائب ڪپتان بڻايو وڃي: سرفراز نواز

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر سرفراز نواز پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) تي زور ڀريو آهي ته موجوده حالتن ۾ ون ڊي ٽيم جي ڪپتانيءَ لاءِ محمد حفيظ بهترين چوائيس آهي، جڏهن ته سرفراز احمد کي نائب ڪپتان جي ذميواري سونپي وڃي. مصباح الحق طرفان ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ بعد پي سي بي نئين ڪپتان جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان عهدي لاءِ سرفراز احمد، اظهر علي، صهيب مقصود ۽ وهاب رياض جا نالا گردش ڪري رهيا آهن. گذريل ڏينهن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي سرفراز نواز چيو ته موجوده حالتن ۾ محمد حفيظ ون ڊي ٽيم جي ڪپتانيءَ لاءِ آئيڊيل هوندو، جڏهن ته نائب ڪپتان لاءِ سرفراز احمد کي اها ذميواري سونپي وڃي. هن چيو ته محمد حفيظ ٽي 20 جي قيادت جا فرض انجام ڏئي چڪو آهي ۽ سرفراز احمد کي پهريان نائب ڪپتان جي ذميواري ڏني وڃي ته جيئن سندس ڪارڪردگيءَ ۾ وڌيڪ بهتري اچي ۽ بعد ۾ کيس محمد حفيظ جي جاءِ تي ڪپتان مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته صهيب مقصود ڪپتانيءَ لاءِ موزون ناهي، ڇاڪاڻ ته سندس ڪارڪردگي تسلي بخش ناهي. سليڪشن ڪميٽيءَ جي چيئرمين جي حوالي سان سرفراز نواز چيو ته محسن خان کي چيف سليڪٽر بڻايو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو اڳ به ان عهدي تي ڪم ڪري چڪو آهي ۽ هو ميرٽ تي ٽيم جي چونڊ ڪندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *