محمد حفيظ نيوزيلينڊ خلاف آخري ٽيسٽ ميچ ۾ 3 رنسن تان ڪيريئر جي پهرين ڊبل سينچري مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام

شارجه(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار اوپننگ بيٽسمين مڪمل ڪرڻ کان محروم رهجي ويو. محمد حفيظ ٽيون ڀيرو ٽيسٽ ميچن ۾ ڊبل سينچري جي ويجهو پهچي آئوٽ ٿيندڙ يونس خان ۽ محمد يوسف کانپوءِ ٽيون پاڪستاني بيٽسمين بڻجي ويو. شارجه ۾ نيوزيلينڊ جي خلاف جاري آخري ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگ ۾ حفيظ انتهائي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو. هن ڄمي نيوزيلينڊ جي بالرن جو مقابلو ڪيو ۽ شاندار سينچري اسڪور ڪئي. هو ڪيريئر جي پهرين ڊبل سينچر کان 3 رنسون پوئتي هو ته آئوٽ ٿي ويو. حفيظ ٽيون ڀيرو 190 رنسون ٺاهڻ جي باوجود ڊبل سينچري نه ٺاهي سگهيو آهي. اڄوڪي اننگ سندس ٽيسٽ ڪيريئر جي سڀ کان بهترين اننگز آهي. ان کان اڳ سندس وڌ ۾ وڌ اسڪور 196 هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *