محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن جو بائيو مڪينڪ ٽيسٽ اربع تي چنائي ۾ ٿيندو

لاهور(اسپورٽس نيوز): پاڪستاني آل رائونڊر محمد حفيظ سڀاڻي صبح جو ڀارت روانو ٿيندو جتي اربع تي چنائي ۾ ان جي بالنگ ايڪشن جو بائيو مڪينڪ ٽيسٽ ٿيندو، محمد حفيظ غير رسمي بالنگ ايڪشن جي بائيو مڪينڪ ٽيسٽ لاءِ ڊاڪٽر سهيل سليم سان گڏ دبئي رستي چنائي لاءِ روانو ٿيندو لاهور ۾ سخت ڪوهير سبب سبب ان جي روانگي جو شيڊول متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، جيڪڏهن محمد حفيظ پروگرام مطابق اڱاري تي چنائي پهچي ويندو ته اربع تي ان جي بالنگ ايڪشن جي غير رسمي ٽيسٽ ٿيندي محمد حفيظ ۽ بورڊ اختيارين کي اميد آهي ته ايڪشن ري ماڊل ڪرڻ کانپوءِ محمد حفيظ جي ڪليئر ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن، بورڊ آف اسپنر سعيد اجمل جي غير رسمي ٽيسٽ انگلينڊ مان ڪرائي پر رپورٽون اميد مطابق نه اچڻ تي سعيم اجمل ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *