مان خوش قسمت آهيان جو 92ع جو ورلڊ ڪپ کٽڻ ۾ ڪامياب رهياسين؛ وسيم اڪرم

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو آهي ته ورلڊ ڪپ ٽرافيءَ کان سواءِ ڪنهن به ڪرڪيٽر جو ڪيريئري اڌورو آهي، مان خوش قسمت آهيان جو 92ع جو ورلڊ ڪپ کٽڻ ۾ ڪامياب رهياسين، آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم ورلڊ ڪپ جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن چيو ته ورلڊ ڪپ کٽڻ پروفيشنل ڪرڪيٽ ڪيريئر مڪمل ڪري ٿو، ورلڊ ڪپ کٽڻ کان سواءِ سچن ٽنڊولڪر جو ڪيريئر به اڌورو رهجي ٿو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته ورلڊ ڪپ جي اهميت بابت برائن لارا، راهول ڊريوڊ، سارو گنگولي ۽ جيڪ ڪيلس کان پڇو وڃي، جيڪي ڪيريئر دوران ميگا ايونٽ جي ٽرافي کڻڻ کان محروم رهيا، پنج ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي اڳواڻي ڪندڙ وسيم اڪرم ميگا ايونٽ بابت پنهنجون يادگيريون تازيون ڪيون، ورلڊ ڪپ 2015ع 14 فيبروري کان آسٽريليا ۽ نيوزيلنڊ ۾ گڏيل طور شروع ٿي رهيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *