قومي 8 ميمبرن واري ٽيم پنجين ايشين بيچ هينڊ بال چيمپئن شپ ۾ شرڪت لاءِ اڄ مسقط رواني ٿيندي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) 8 ميمبرن واري قومي ٽيم پنجين ايشين بيچ هينڊ بال چيمپئن شپ ۾ شرڪت لاءِ (اڄ) خميس تي مسقط رواني ٿيندي. پاڪستان هينڊ بال فيڊريشن جي سيڪريٽري حاجي محمد شفيق ٻڌايو ته چيمپئن شپ پهرين کان 7 مئي تائين مسقط جي گاديءَ واري شهر اومان ۾ کيڏي ويندي. جنهن ۾ 6 ملڪن جون ٽيمون حصو وٺنديون، جن ۾ ايران، قطر، اومان، بحرين، ويٽنام ۽ پاڪستان شامل آهن. قومي ٽيم 8 رانديگرن تي ٻڌل هوندي، جن ۾ ڪپتان طاهر علي، آصف علي، اوعزز عاطف، محمد شاهد پرويز، حضرت حسين، خاور ياسين، عاصم سعيد ۽ زوهيب جبار شامل آهن. جڏهن ته ڪوچ نصير احمد ۽ مئنيجر ڪرنل جنيد عالم پڻ ٽيم سان گڏ هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *