قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪيمپ سڀاڻي کان شروع ٿيندي

لاهور(اسپورٽس نيوز)ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ جي تياري لاءِ قومي ٽيم جي تربيتي ڪيمپ سڀاڻي کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شروع ٿيندي ميگا ايونٽ لاءِ چونڊيل رانديگرن کي اڄ هيڊ ڪوچ وقار يونس کي رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو آهي، عالمي ڪپ جي تياري لاءِ قومي ٽيم جي تربيتي ڪيمپ سڀاڻي کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شروع ٿي رهي  آهي ميگا ايونٽ لاءِ چونڊيل 15 رانديگرن کي اڄ هيڊ ڪوچ وقار يونس کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ووي آحي، 5 ڏينهن جي مختصر ڪيمپ لاءِ فاسٽ وڪيٽون تيار ڪيون ويون آهن ته جيئن رانديگرن کي آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي تيز ۽ بائونسي وڪيٽن تي بيٽنگ ۽ بالنگ لاءِ تيار ڪري سگهجي قومي ٽيم لاءِ چونڊيل ڪجهه رانديگر پهريون ڀيرو انهن ڪنڊيشنز ۾ کيڏندا جڏهن ته يو اي اي ۾ نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز ۾ به بيٽسمين کي شارٽ پچ بالن کي منهن ڏيڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون هيون، جڏهن ته پاڪستان جي بالرن کي به تيز وڪيٽن تي بالنگ جو تجربو ناهي،  تربيتي ڪيمپ دوران 2 سيشنز ۾ رانديگرن کي بالنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ جي تربيت ڏني ويندي جنهن دوران وقار يونس، گرانٽ فلاور، مشتاق احمد ۽ گرانڊ لوڊن رانديگرن جون خاميون ختم ڪندا، جمنازيم ۾ رانديگرن جي فٽنيس تي به خاص توجهه ڏني ويندي، ڪيمپ دوران نفسيات جي ماهرن جا 2 ليڪچرز به منعقد ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪرپشن ۽ ڊوپنگ کان تحفظ لاءِ به خصوصي ليڪچرز ڏنا ويندا قومي ٽيم 21 جنوري تي نيوزيلينڊ رواني ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *