اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) قومي ڪراٽي ٽيم جي ڪوچ خالد نور چيو آهي ته قومي ڪراٽي ٽيم ايشين گيمز ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي. گذريل ڏينهن پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ سکيا ڪيمپ دوران ”اي پي پي “ سان ڳالهائيندي هن چيو ته 6 رڪني ٽيم ايشين گيمز ۾ 4 مرد ۽ 2 عورتون شامل آهن. هن چيو ته ايشين گيمز ۾ شرڪت لاءِ رانديگر ڀرپور محنت ڪري رهيا آهن. اميد آهي ته اسان جا رانديگر جذبي سان کيڏي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندا. هن چيو ته رانديگر ايشين گيمز ۾ شرڪت لاءِ 28 سيپٽمبر تي ڪوريا روانا ٿيندا. پهرين آڪٽوبر تي ايونٽ جا ڊراز، جڏهن ته 2 کان 4 آڪٽوبر تائين مقابلا منعقد ٿيندا.