قومي جوڊو جا 2 رانديگر جاپان ۾ (اڄ) کان شروع ٿيندڙ گرينڊ سلم ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)قومي جوڊو جا 2 رانديگر جاپان ۾ (اڄ) خميس کان شروع ٿيندڙ گرينڊ سلم ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا. پاڪستان جوڊوفيڊريشن جي سيڪريٽري مسعود احمد خان موجب گرينڊ سلم 4 کان 7 ڊسمبر تائين جاپان جي شهر ٽوڪيو ۾ کيڏيو ويندو. جنهن ۾ شرڪت لاءِ شاهه حسين شاهه ۽ وجاهت سرور جاپان پهچي چڪا آهن ۽ هو ايونٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندا. هن چيو ته اهو ايونٽ برازيل ۾ ٿيندڙ اولمپڪس 2016ع جي لاءِ ڪواليفيڪشن رائونڊ آهي. هن چيو ته گرينڊ سلم ۾ سڄي دنيا کان مشهور رانديگر حصو وٺي رهيا آهن ۽ هو توقع رکن ٿا ته ايونٽ ۾ قومي رانديگر شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري عالمي رينڪنگ ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *