قومي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم مارچ ۾ ڀارت جو دؤرو ڪندي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) قومي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم مارچ ۾ ڀارت جو دؤرو ڪندي، جتي هو ڀارتي بلائينڊ ڪرڪيٽ خلاف ون ڊي ۽ ٽي 20 ميچن جي سيريز کيڏندي. پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر سيد سلطان شاهه گذريل ڏينهن ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته ٻئي ملڪ سيريز تي متفق ٿي چڪا آهن پر سيريز جي شيڊول جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ جي سيريز منعقد ڪرڻ سان پاڪ- ڀارت ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ نه هئڻ باوجود سال 2014ع فبيروري ۾ پاڪستان جو دؤرو ڪيو هو ۽ پاڪستان خلاف لاهور، ڪراچي، فيصل آباد ۾ ون ڊي ۽ ٽي 20 ميچن جي سيريز کيڏي. ان موقعي تي ڀارتي ڪپتان ۽ انتظاميه پاڪستان کي ڪرڪيٽ جي بحاليءَ لاءِ محفوظ ملڪ قرار ڏنو هو. هن چيو ته پاڪستان راندين لاءِ محفوظ ملڪ آهي ۽ هتي سيڪيورٽي جو ڪو مسئلو ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *