قائداعظم ٽرافي گولڊ ۽ سلور ليگ جو ڇهون مرحلو شروع ٿيندو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قائداعظم ٽرافي گولڊ ۽ سلور ليگ جو ڇهون مرحلو اڄ اربع کان شروع ٿيندو. تفصيل موجب پاڪستان ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ قائداعظم ٽرافي جا دلچسپ مقابلا سڄي ملڪ ۾ جاري آهن. ايونٽ ۾ اڄ اربع تي ڇهين مرحلي جي شروعات ٿيندي. گولڊ ليگ ۾ اسلام آباد ليپرڊز ۽ پورٽ قاسم جون ٽيمون ڊائمنڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ آمهون سامهون ٿينديون.. ڪراچي ڊولفنز ۽ يو بي ايل وچ ۾ ميچ نيشنل اسٽيديم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته باقي ٻيا مقابلا مختلف شهرن ۾ کيڏيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *