فڪسنگ ڪيس، سري نواسن تي پابندي ۽ ڪرپٽ پليئرز جا نالا ظاهر ڪرڻ جي درخواست جي ٻڌڻي (اڄ) ٿيندي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) ڀارت جي سپريم ڪورٽ انڊين پريميئر ڪرڪيٽ ليگ اسپاٽ فڪسنگ، ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي (اڄ) خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پٽيشنر حارش سالو سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي ته بي سي سي آءِ جي معطل صدر نواسن تي بورڊ جي آئين جي سيڪشن 6 تحت 2 کان 5 سالن جي پابندي هنئي وڃي. هن عدالت ۾ مدگال ڪميشن جي رپورٽ ۾ سامهون ايندڙ ڪرپٽ ڪرڪٽرن جا نالا ظاهر ڪرڻ جي درخواست به ڪري ڇڏي. عدالت ٻنهي ڌرين کي خبردار ڪيو هو ته کڻي اهي ڪيس کٽين يا هارائين، رپورٽ ۾ ڏنل نالا جيڪڏهن ظاهر ڪيا ويا ته پوءِ معاف نه ڪيو ويندو. عدالت ٻڌڻي دوران اهو به واضح ڪيو ته رپورٽ ۾ مختلف معاملا اٿاريا ويا تنهن ڪري فيصلا به گڏ نه پر مختلف موقعن تي ڌار ڌار ٻڌايا ويندا. فڪسنگ ڪيس ۽ نواسن تي پابندي ۽ ڪرپٽ ڪرڪيٽرن جا نالا ظاهر ڪرڻ جي درخواست جي ٻڌڻي (اڄ) خميس تي ٿيندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *