عورتن جي 3 رڪني قومي ٽينس ٽيم جونيئر فيڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندي: خالد رحماني

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي سيڪريٽري خالد رحماني چيو آهي ته 3 رڪني قومي ٽينس ٽيم جونيئر فيڊ ڪپ جو پري ڪواليفائنگ رائوڊ ۾ شرڪت ڪندي. جڏهن ته ايونٽ 2 مارچ کان ملائيشيا ۾ شرو ع ٿيندو. ٽه رڪني ٽيم ۾ مبين آفتاب، حنا نويد ۽ علينه آفتاب شامل آهن، جڏهن ته محبوب احمد خان ٽيم سميت ڪوچ نان پلينگ ٿيندو. هن چيو ته ٽيم جي رانديگرن جي چونڊ ٽرائلز کانپوءِ ميرٽ جي بنياد تي ڪئي ويندي. اُميد آهي ته رانديگر پري ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *