عرفان جو ان فٽ ٿيڻ ٽيم جي لاءِ وڏو ڌچڪو آهي، مصباح الحق

ايڊيليڊ(اسپورٽس نيوز)قومي ٽيم جي ڪپتان ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو، ته انجري جي سبب جنيد خان ۽ عمر گل جهڙا بالر ٽيم ۾ شامل نه ٿي سگهيا، ان جي علاوه ميگا ايونٽ کان پهرين بالنگ ايڪشن مشڪوڪ قرار ڏيڻ تي اسان پنهنجا 2 بالر سعيد اجمل ۽ محمد حفيظ کي به شامل نه ڪري سگهياسين،  اهڙي وقت ۾ جڏهن ٽيم ميگا ايونٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي ۽ عرفان جو ان فٽ ٿيڻ، ٽيم کي شديد متاثر ڪندو. مصباح الحق چيو ته محمد عرفان ميگا ايونٽ ۾ تمام بالرن کان مختلف هو، اسان لاءِ عرفان جو ان فٽ ٿيڻ وڏو ڌچڪو آهي،پر اسان کي ايونٽ ۾ اڳيان جي طرف ڏسڻو پوندو،ان چيو ته ٽيم جو هڪ انتهائي اهم رانديگر ان فٽ ٿيڻ،  ڪنهن به ڪپتان لاءِ انتهائي فڪر جي ڳالهه هوندي آهي،پر اسان کي ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حل ڳولڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *