عالمي ڪپ ۾ سعيد اجمل جي غير موجودگي ٽيم لاءِ نقصانڪار هوندي: ظهير عباس

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) ايشين بريڊمين ظهير عباس چيو آهي ته سعيد اجمل ورلڊ ڪلاس اسپنر آهي. عالمي ڪپ ۾ سندس غير موجودگي نقصانڪار ثابت ٿيندي. سعيد اجمل کي غير قانوني بالنگ ايڪشن سبب اڪلهه آءِ سي سي طرفان معطليءَ کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ظهير عباس چيڳو ته اجمل جي قومي ٽيم ۾ موجودگيءَ سان اسان جي بالنگ تمام گهڻي مضبوط ٿيندي پر بدقسمتيءَ ان هو ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جو حصو نه هوندو، جڪيو ٽيم لاءِ هڪ سيٽ بيڪ آهي. هن چيو ته قومي ٽيم جا رانديگر باصلاحيت آهن جن ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ لاءِ ذميواريءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *