عالمي ڪرڪيٽ ڪپ کان اڳ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تيارين جا پول پڌرا ٿي ويا

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) عالمي ڪرڪيٽ ڪپ کان اڳ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تيارين جا پول پڌرا ٿي ويا آهن، ٻن وارم اپ ميچن ۾ شڪست کان پوءِ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ به پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان سولائيءَ سان هارائي ڇڏيو. نيوزيلينڊ جي ويلنگٽن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڪيويز ڪپتان برينڊن مڪلم ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. قومي ٽيم جي شروعات ئي سٺي نه هئي، پهرين ئي اوور ۾ اوپنر محمد حفيظ بنا ڪا رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو، جنهن کان پوءِ قومي ٽيم جا رانديگر روايت برقرار رکندي پويلين ڀيڙا ٿيندا رهيا. احمد شهزاد 15، يونس خان 9، عمر اڪمل 13، حارث سهيل 23 ۽ سرفراز احمد 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، جنهن بعد ڪپتان مصباح الحق ۽ شاهد آفريدي 100 کان وڌيڪ رنسن جي ڀائيواري جوڙي ٽيم جي پوزيشن مستحڪم ڪئي. شاهد آفريدي 29 بالن تي 9 چوڪن ۽ 3 ڇڪن جي مدد سان 67  ۽ مصباح الحق 58 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. شاهد آفريدي ۽ مصباح الحق جي آئوٽ ٿيڻ بعد سموري ٽيم 2 سئو 10 رنسن تي ڍير ٿي وئي. نيوزيلينڊ پاران گرانٽ ايليٽ ٽي، ڪائل ملز، ٽرينٽ بولٽ ۽ ڪوري اينڊرسن ٻـِن ٻـِن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته ايڊم ملني جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي. 2 سئو 11 رنسن جو ٽارگيٽ نيوزيلينڊ جي ٽيم سولائيءَ سان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 39 ڏهائي 3 اوور ۾ پورو ڪيو. نيوزيلينڊ طرفان گرانٽ ايليٽ 64 ۽ روز ٽيلر 59 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، جڏهن ته مارٽن گپٽل 39 ۽ برينڊن مڪلم 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. ٻنهي ٽيمن ۾ سيريز جي ٻي ميچ 3 فيبروري تي نيپيئر ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *