دبئي (اسپورٽس نيوز) عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب پاڪستاني ٽيم جو رانديگر يونس خان هڪ درجو ترقي کان پوءِ بهترين رانديگرن جي لسٽ ۾ 7 کان 6 نمبر تي اچي ويو آهي، آءِ سي سي پاران جاري ڪيل نئين ٽيسٽ رينڪنگ موجب بهترين رانديگرن جي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي آسٽريليا جو اسٽيون سمٿ آهي، جڏهن ته قومي ٽيم جو رانديگر يونس خان هڪ درجو ترقي کان پوءِ 7 کان 6 نمبر تي اچي ويو، نئين رينڪنگ موجب ٽاپ ٽين بالرن ۾ پاڪستان جو اسپنر ياسر شاهه هڪ درجو ترقي کان پوءِ 5 کان 4 نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته پهرين نمبر تي ڏکڻ آفريڪا جو ڊيل اسٽين موجود آهي، ٽيمن جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پاڪستان 2419 پوائنٽن سان چوٿين پوزيشن تي آهي، جڏهن ته پهرين پوزيشن تي ڏکڻ آفريڪا 3008 پوائنٽن سان موجود آهي