زيورخ (اسپورٽس نيوز) عالمي عدالت مرداڻيون خاصيتون رکندڙ ڀارتي عورت سپرنٽر کي کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب راندين جي عالمي عدالت مرداڻن هارمونز واري عورت سپرنٽر دتي چند کي کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ان فيصلي کان پوءِ راندين ۾ مردن ۽ عورتن جي شموليت بابت قانون وڌيڪ ڪمزوريءَ جو شڪار آهن. اٿيليٽڪ فيڊريشن جي عالمي تنظيم آءِ اي اي ايف ۽ آءِ او سي 2012ع ۾ هڪ قانون پاس ڪيو هو جنهن کان پوءِ عورت ايٿيليٽ جن ۾ مرداڻيون خاصيتون معمول کان وڌيڪ هجن راندين ۾ حصو نه ٿيون وٺي سگھن. ان فيصلي جو نشانو ڀارتي سپرنٽر دتي به شامل هئي.