حيدرآباد (اسپورٽس نيوز) عالمي دنيا جو اهم ايونٽ يارهون ورلڊ ڪپ ڪرڪٽ ٽورنامينٽ 14 فيبروي کان شروع ٿي رهيو آهي جنهن ۾ 14 ٽيمون اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ مقابلا ڪنديون.ورلڊ ڪپ ڪرڪٽ جي دنيا ۾هن وقت تائين آسٽريليا جي قسمت ٻين ٽيمن جي ڀيٽ ۾ اڳڀري رهي آهي. مجموعي طور تي 10 ورلڊڪپ ٿي چڪا آهن جنهن ۾ آسٽريليا 6 ڀيرا فائينل ۾ آيو 4 کٽيائين ۽ 2 هارايائين. جڏهن ته ڀارت 3 ڀيرا فائينل ۾ آيو ، 2 ڀيرا کٽيو هڪ ڀيرو هارايو. اهڙي ريت ويسٽ انڊيز به 3 ڀيرا فائينل ۾ آيو 2 کٽيائين ۽ هڪ هارايائين. سريلنڪا 3 ڀيرا فائينل ۾ آيو هڪ ڀيرو کٽيائين ۽ 2 ڀيرا هارايائين. پاڪستان 2 ڀيرا فائينل ۾ آيو هڪ ڀيرو کٽيائين ۽ هڪ ڀيرو هارايائين جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم 3 ڀيرا فائينل ۾ آئي آهي ۽ بدقسمتي سان هڪ به ميچ نه کٽي اٿس. 1975ع واري پهرين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏي وئي جنهن ۾ ويسٽ انڊيز 17 رنسن تان ڪاميابي ماڻي. 1979ع ۾ کيڏيل ٻئين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾ ويسٽ انڊيز 92 رنسن تان ڪاميابي ماڻي. 1983ع ۾ کيڏيل ٽئين ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾ ڀارت 43 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، 1987ع ۾ کيڏيل چوٿين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾ آسٽريليا 7 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.. 1992ع ۾ کيڏيل پنجين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ مصابلو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان 22 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. 1996ع ۾ کيڏيل ڇهين ورلڊڪپ جي فائينل ميچ سريلنڪا ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي. جنهن ۾ سريلنڪا 7 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي. 1999ع ۾ کيڏيل ستين ورلڊڪپ جي فائينل ميچ آسٽريليا ۽ پاڪستان جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي. جنهن ۾ آسٽريليا جي ٽيم 8 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. 2003ع ۾ کيڏيک اٺين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ميچ آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي. جنهن ۾ آسٽريليا جي ٽيم 125 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. 2007ع ۾ کيڏيل نائين ورلڊڪپ جي فائينل ميچ آسٽريليا ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي. جنهن ۾ آسٽريليا جي ٽيم 53 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. 2011ع ۾ کيڏيل ڏهين ورلڊڪپ جي فائينل ميچ ڀارت ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي.جنهن ۾ ڀارت جي ٽيم 6 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.