اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل ڏکڻ آفريقا ۾ هلندڙ مهيني ٿيندڙ عالمي بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ ٽيم ۾ 2 تبديليون ڪيون آهن. ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر سيد سلطان شاهه اي پي پي کي ٻڌايو ته اسلام آباد ۽ بهاوالپور ۾ ٿيل ٽورنامينٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جي ڪري ڪائونسل ورلڊڪپ لاءِ جوڙيل ٽيم ۾ 2 تبديليون ڪيون آهن جنهن مطابق ڊي ون توفيق بٽ جي جاءِ تي محمد وقاص ۽ بي ٽو ۾ محمد افضل جي جاءِ تي عرفان مجيد کي ورلڊڪپ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي