طالبان جي ڌمڪين کانپوءِ افغان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ختم ڪئي وئي

ڪابل(اسپورٽس نيوز)افغانستان ۾طالبان جي ڌمڪين کانپوءِ عورتن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ختم ڪيو ويو پرڏيهي خابرو اداري مطابق افغانستان ۾ 2010ع ۾ عورتن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بنياد رکي وئي هئي جڏهن ته هلندڙ سال غير محسوس طريقي سان ان کي ختم ڪيو ويو جنهن جو سبب طالبان پاران ڌمڪيون ٻڌايون پيون وڃن جڏهن ته افغان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين چونڊيل چيئرمين نسيم الله دانش جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ عورتن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم موجود ناهي ۽ ملڪ ۾ صورتحال اهڙي ناهي جو هتي عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم ٺاهي وڃي، افغان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين چيو ته طالبان مون کي فون ڪري چيو ته عورتن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم نه ٺاهي وڃي ڇو ته هي اسلامي تعليم جي خلاف آهي ۽ هي افغانستان جو ڪلچر به ناهي جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته هو رانديگرياڻين کي پهچندڙ نقصان جا ذميوار نه هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *