صوفي بزرگ ۽ الستي شاعر پير تقي شاهه جيلاني جي عرس مبارڪ تي ملهه ملاکڙي جو بندوبست ڪيو ويو

باڊهه (اسپورٽس نيوز) صوفي بزرگ ۽ الستي شاعر پير تقي شاهه جيلاني جي 155 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي سنڌ جي ثقافتي راند ملهه ملاکڙي جو بندوبست ڪيو ويو، ملاکڙي ۾ سنڌ جي ناليوارن ملهه پهلوانن زور آزمائي ڪئي، ملهه ملاکڙي ۾ ملهه پهلوان مجيد اعواڻ جو مقابلو شوڪت سيال سان ٿيو ٻنهي پهلوانن وچ ۾ ڀرپور طاقت سان زور آزمائي ٿي، جتي پهلوان مجيد اعواڻ شوڪت سيال کي ڦيراٽي ڏئي دسي رکيو ۽ ملهه ماري، جڏهن ته ٻين مقابلن ۾ غلام سرور بهڻ جو اڪرم علي سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ غلام سرور بهڻ زور آزمائي ۾ ڪامياب ٿيندي اڪرم علي کي ملهه ماري ڪاميابي ماڻي، ٻئي مقابلي ۾ مور اعواڻ جو اصغر شاهه سان مقابلو ٿيو مقابلي ۾ مور اعواڻ اصغر شاهه کي ملهه ماري ڪاميابي حاصل ڪئي، جتي مقابلي دوران اصغر شاهه بيهوش ٿي ويو، ٻئي مقابلي ۾ ملهه پهلوان گل دستو جو مقابلو رفيق سيال سان ٿيو جتي سخت زور آزمائي بعد رفيق سيال کي ملهه ماري شڪست ڏنائين ۽ ميدان ماري اچڻ تي ملاکڙي ۾ موجود تماشائين کان داد حاصل ڪيائين، ان موقعي تي ملاکڙو ڪرائيندڙ سيد محرم علي شاهه ملهه کٽيندڙ پهلوانن کي انعامن سان نوازيو. ٻئي طرف سنڌ جي ناليواري ملهه پهلوان مجيد اعواڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملهه راند سنڌ جي ثقافتي راند آهي جتي صدين کان ملهه جي راند مشهور ترين آهي، خاص ڪري ٻهراڙين، ميلن توڙي ثقافتي پروگرامن ۾ ملهه راند جا مقابلا ٿيندا پيا اچن، هن وقت تائين سنڌ ۾ ڪيترائي ناليوارا ملهه پهلوان پيدا ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ هن وقت به ثقافتي راند ملهه کي ماڻهو پسند ڪن ٿا پر افسوس جو سنڌ سرڪار توڙي ثقافت کاتي جي بي ڌياني ۽ دلچسپي نه وٺڻ سبب ملهه پهلوان هن وقت بيروزگاري سبب فاقا ڪشي تي مجبور آهن، ڇاڪاڻ ته پهلوانن کي طاقت آزمائي لاءِ خوراڪ جي سخت ضرورت هوندي آهي پر غربت ۽ بيروزگاري سبب پهلوانن کي خوراڪ نه ٿي ملي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *