شڪيب الحسن 4 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ پهريون بنگلاديشي بيٽسمين بڻجي ويو

ڪينبيرا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار آل رائونڊر شڪيب الحسن ون ڊي عالمي ميچن ۾ پنهنجي ڪيريئر جون 4 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون. بنگلاديش طرفان شڪيب الحسن اهو اعزاز حاصل ڪندڙ بنگلاديشي رانديگر پڻ بڻجي ويو. هن اهو اعزاز ڪينبيرا ۾ ورلڊ ڪپ جي پهرين پول ميچ ۾ افغانستان خلاف حاصل ڪيو. شڪيب الحسن افغانستان خلاف ان وقت ٽيم کي سنڀاليو جڏهن ان جا پهريان 4 رانديگر 119 رنسن جي مجموعي اسڪور تي پولين واپس آيا هئا. ان موقعي تي شڪيب الحسن ذميواري سان بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي نه رڳو 63 رنسون ٺاهيون پر ون ڊي ڪيريئر جون 4 هزار رنسون به مڪمل ڪري ورتيون ۽ پنهنجي ملڪ طرفان 4 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ پهريون رانديگر به بڻجي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *