شاهد خان آفريدي، وهاب رياض، فواد عالم ۽ محمد عرفان کي بنا اجازت اشتهار ۾ ڪم ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چئن رانديگرن کي اجازت کان سواءِ اشتهار ۾ ڪم ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب پي سي بيءَ آل رائونڊر شاهد خان آفريدي، فاسٽ بالر وهاب رياض، بيٽسمين فواد عالم ۽ فاسٽ بالر محمد عرفان کي بنا اجازت اشتهار ۾ ڪم ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن جو اهو به چوڻ هو ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ موجب ڪنهن به اشتهار ۾ ڪم ڪرڻ کان اڳ رانديگرن لاءِ اين او سي حاصل ڪرڻ ضروري هوندو آهي، جنهن جي خلاف ورزي تي ڄاڻايل رانديگرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *