شاهد آفريدي ون ڪيريئر جون 8 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون

نيپيئر(اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار آل رائونڊر شاهد خان آفريدي ون ڪيريئر ۾ 8 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون، نيوزيلينڊ جي شهر نيپيئر جي مڪلين پارڪ ۾ گڏيل عرب امارات خلاف 7 بالن ۾ 21 رنسون ٺاهيون ان سان گڏ ئي هو عالمي ميچن ۾ 8 هزار رنسون ٺاهيندڙ پاڪستان جو چوٿون بيٽسمين بڻجي ويو آهي بوم بوم آفريدي اهو اعزاز 395 ميچن ۾ 6 سينچرين ۽ 39 هاف سينچرين جي مدد سان 23.52 جي ايوريج سان بيٽنگ ڪندي حاصل ڪيو آهي ان کان علاوه شاهد آفريدي کي ون ڊي ميچن ۾ 400 وڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ صرف 7 وڪيٽن جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *