شاهد آفريدي، سرفراز احمد ۽ سهيل خان وطن واپس پهچي ويا

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ قومي ٽيم جا 3 رانديگر وطن واپس پهچي ويا ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچندڙ رانديگرن ۾ شاهد آفريدي، سرفراز احمد ۽ سهيل خان شامل آهن جن کي سخت سيڪيورٽي ۾ ايئرپورٽ کان ٻاهر آندو ويو جڏهن ته ڪجهه شوقينن پنهنجن ستارن جو ايئرپورٽ تي استقبال به ڪيو ان موقعي تي شوقينن سان مختصر ڳالهائيندي شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته اسان اوهان لاءِ ورلڊ ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهياسين ٻئي طرف ورلڊ ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي پيش ڪندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد جي گهر تي شوقينن جي وڏي تعداد جمع ٿي ۽ مسلسل 2 ميچن ۾ بهترين رانديگر جو اعزاز حاصل ڪندڙ سرفراز احمد کي گلن جا هار پارايا ۽ دهل تي رقص به ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *