سچن ٽنڊولڪر ٽن سالن لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪوچ مقرر

ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ ليجنڊري لٽل ماسٽر سچن ٽنڊولڪر جون خدمتون وٺي ڇڏيون هو ڀارتي ڪوچ ڊنڪن فليچر جي جاءِ تي ذميواري نڀائيندو بي سي سي آءِ جي پريس رليز مطابق بورڊ سچن ٽنڊولڪر سان ڪوچ طور 3 سالن جو معاهدو ڪيو آهي هو پهريون ڀيرو ڪنهن انٽرنيشنل ٽيم لاءِ ڪوچنگ جا فرض انجام ڏيندو، سچن ٽنڊولڪر ڀارتي ٽيم کي آءِ پي ايل سيزن کانپوءِ جوائن ڪندو سچن ٽنڊولڪر ورلڊ ڪپ  2015ع جو سفير به رهجي چڪو آهي سچن ٽنڊولڪر پنهنجي ڪامياب ڪرڪيٽ ڪيريئر ۾ بيشمار رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي، هن 463 ون ڊي ميچن ۾ 49 سينچرين جي مدد سان 18426 رنسون اسڪور ڪيون ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 200 ميچن ۾ سچن ٽنڊولڪر کي 15921 رنسون جو اعزاز حاصل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *