سنگاڪارا ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڪيٽن پويان وڌيڪ شڪار ڪرڻ جو نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو

همبنٽوٽا(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا جي اسٽار وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪمارسنگاڪارا ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڪيٽون وٺڻ جي هدف پويان وڌيڪ رانديگرن کي آئوٽ ڪرڻ جو نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. هن انگلينڊ خلاف ٽئين ون ڊي ۾ 2 شڪار ڪري اهو سنگ ميل پار ڪيو ۽ ان شرط هن آسٽريليائي وڪيٽ ڪيپر ايڊم گلڪرسٽ جو 472 رانديگر آئوٽ ڪرڻ جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو. همبنٽوٽا ۾ کيڏيل سيريز جي ٽئين ون ڊي ۾ سنگاڪارا جڏهن ميدان ۾ لٿو ته کيس ون ڊي ڪيريئر جون 13 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ 13 رنسون ۽ وڪيٽن پويان وڌيڪ شڪار جو نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪرڻ لاءِ هڪ شڪار جي ضرورت هئي، هن اننگز ۾ اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي ففٽي ٺاهي ڪيريئر جون 13 هزار رنسون مڪمل ڪيون ۽ بعد ۾ وڪيٽ ڪيپنگ ڪندي انگلش ڪپتان ايلسٽر ڪڪ جي ڪيچ وٺي نئون عالمي رڪارڊ پنهنجي نانءُ ڪيو. سنگا ڪارا بوپرا جو ڪيچ به ورتو هو، اهڙ: طرح سنگاڪارا 386 ميچون کيڏي وڪيٽن پويان مجموعي طور تي 474 شڪار ڪيا جن ۾ 382 ڪيچون ۽ 92 اسٽمپس شامل آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *