سنڌ ۾ 1484 نوڪرين جو اعلان

 

سنڌ حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رقم تعليم جي شعبي لاءِ رکي آهي ۽ تعليم جي بجيٽ نئين مالي سال ۾ 6. 7 سيڪڙو جي حساب سان وڌائي 67. 144 ارب روپيا رکي آهي. هلندڙ مالي سال ۾ حڪومت 37. 134 ارب روپيا جي بجيٽ تعليم لاءِ مختص ڪئي وئي هئي، نئين مالي سال ۾ تعليمي رٿائن لاءِ سالياني ترقياتي پروگرامن جو حجم هلندڙ مالي سال جي 7. 10 ارب روپين مان وڌائي 2. 13 ارب روپيا ڪيو ويو آهي  جنهن ۾ يونيورسٽين ۽ بورڊن جي لاءِ 2 ارب روپيا ، اسٽيوٽا لاءِ هڪ ا رب روپيا ۽ خصوصي تعليم لاءِ 20 ڪروڙ روپيا شامل آهن . نئين سال جي بجيٽ ۾ يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن جي بجيٽ 2. 6 ارب روپيا ڪرڻ جي تجويز آهي . نئين بجيٽ تحت 743. 3 ارب روپين جي لاڳت سان 25 ڪامپريهينسو، 235. 2 ارب روپين جي لاڳت سان 25 انگلش ميڊيم اسڪول، فاسٽ ٽريڪ ڪنسٽرڪشن ٽيڪنالاجي مرڪز قائم ڪيا ويندا  ، بينظير يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام تحت 10 لک نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ فني سکيا ڏني ويندي ، اسڪولن جو نظام هلائڻ جي لاءِ 1484 نيون نوڪريون پيدا ڪيون ويون آهن جنهن ۾ 1300 هيڊ ماستر ۽ هيڊ مسٽريسز جون پوسٽون به شامل آهن. سنڌ حڪومت 662. 4 ارب روپين جي لاڳت سان سنڌ ايجوڪيشن مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم قائم ڪري رهي آهي جنهن تحت اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ 300 آءِ سي ٽي اڪيڊميز قائم ڪيون وينديون، گوسڙو استادن جي خاتمي لاءِ 200 ملين روپين جي لاڳت سان مانيٽرنگ جو نظام قائم ڪيو ويو آهي . سنڌ ايجوڪيشن ريفارمز جي تحت انفرا اسٽرڪچر جي بهتري جي لاءِ 4 ارب روپيا ، مفت نصابي ڪتابن لاءِ 2 ارب روپيا ، شاگردن کي وظيفن، اسڪالرشپس جي لاءِ 5. 1 ارب روپيا ۽ اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽين لاءِ 7. 1 ارب روپيا ، سنڌ بنيادي تعليم پروگرام( يو ايس ايڊ) جي تحت59. 1 ملين ڊالرز جي لاڳت سان 120 اسڪول تعمير ڪيا ويندا . سنڌ جو تعليم جي شعبي وارو منصوبو نئين مالي سال ۾ به جاري رکيو ويندو جنهن تحت انرولمينٽ جي شرح وڌائڻ ۽ ٻيا منصوبا شامل آهن .

سنڌ پوليس جي پگهار پنجاب پوليس جي برابر

سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه  چيو ته امن امان جي قيام ۽ ان کي برقرار رکڻ بابت اسان جو عزم ان حقيقت مان ظاهر ٿئي ٿو ته گهرو کاتو (پوليس، جيلن، رينجرز ۽ ٻين سڪيورٽي ايجنسيز سميت) وسيلن کي مختص ڪرڻ جي لحاظ کان ٻيو وڏو کاتو آهي، جنهن ۾ مالي سال 16-2015 ۾ ڪُل آمدني خرچ ۾ 13 سيڪڙو حصو رکيو ويو آهي. هلندڙ مالي سال جي 58.623 ارب رپين جي بجيٽ ڪاٿن جي ڀيٽ ۾ نئين مالي سال 16-2015 ۾ 64.458 ارب رپين جي رقم مختص ڪئي وئي آهي، جيڪا 10 سيڪڙو واڌو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اسان پوليس جي مجموعي بجيٽ 50.915 ارب رپين مان وڌائي مالي سال 16-2015 دوران 61.84 ارب رپيا ڪئي آهي. اهڙي ريت رينجرز جي مجموعي بجيٽ 2.22 ارب رپين مان وڌائي مالي سال 16-2015 ۾ 2.448 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. اسان پنهنجي پوليس جي همت افزائي ۽ پٺڀرائي لاءِ سنڌ پوليس جون پگهارون وڌايون آهن ۽ انهن کي پنجاب پوليس جي برابر ڪيو ويو آهي. چيو ته سنڌ پوليس کي جديد آپريشنل ۽ سڪيورٽي اڪيوپمينٽ جهڙوڪ بليٽ پروف پوليس موبائيلز، جيڪيٽس، هيلميٽس، هٿيارن ۽ اسلحي ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي فراهمي لاءِ هلندڙ مالي سال دوران 4.115 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا هئا، جڏهن ته نئين مالي سال دوران 6.23 ارب رپين جي رقم مختص ڪئي وئي آهي. سنڌ پوليس کي سگهارو بڻائڻ ۽ اهلڪارن جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ سال 16-2015 جي بجيٽ ۾ 10030 آساميون پيدا ڪيون ويون آهن .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *