سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن ٽنڊوڄام جي استادن جي وچ ۾ دوستاڻي ڪرڪيٽ ميچ ٿي

ڄامشورو(اسپورٽس نيوز) مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (ميوٽا) ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن ٽنڊوڄام جي استادن جي وچ ۾ دوستاڻي ڪرڪيٽ ميچ ٽنڊوڄام ۾ ٿي. مهراڻ يونيورسٽي جي استادن جي ٽيم سنڌ زرعي يونيورسٽي جي استادن جي ٽيم کي 27 رنسن تان هارائي ڇڏيو. ميچ جو افتتاح ٽنڊوڄام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ڪيو. ان موقعي تي هن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هي ٻئي يونيورسٽيون منهنجون پنهنجون يونيورسٽيون آهن. ميچ ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي ٽيم مقرر ڪيل 15 اوورن ۾ 108 رنسون ٺاهيون جڏهن ته جواب ۾ ٽنڊو ڄام يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي ٽيم هدف حاصل ڪرڻ لاءِ بيٽنگ ڪندي 81 رنسون ٺاهي سگهي. مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي ٽيم طرفان مئچ ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر تنوير، پروفيسر ڊاڪٽر شاهه مراد تنيو ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوهاب شاندار ڪارگردگي جو مظاهرو ڪيو. جڏهن ته مهراڻ يونيورسٽي جي ٽيڪسٽائيل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر عبدالوهاب ميمڻ کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ان موقعي تي مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري حافظ ارشد علي ميمڻ، ميمبر سينڊيڪيٽ پروفيسر سڪندر ميمڻ ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسئيشن ٽنڊو ڄام جي صدر لياقت جمالي پڻ رانديگرن جي همت افزائي ڪندا رهيا. ميچ جي پڄاڻي کانپوءِ ميوٽا جي جنرل سيڪريٽري حافظ ارشد ميمڻ ٽنڊو ڄام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي، زرعي يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسئيشن جي عهديدارن ۽ کلاڙين جو بهترين ميزباني ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *