سنڌ اسپورٽس بورد جي سهڪار سان مواڇ ڳوٺ ۾ شاندار ملاکڙو ڪرايو ويو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) سنڌ اسپورٽس بورد جي سهڪار سان مواڇ ڳوٺ ڪراچي سيد قاسم علي شاهه جي عرس جي موقعي تي فٽبال اسٽيڊيم ۾ هڪ شاندار ملاکڙو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن 60 پهلوانن حصو ورتو، ملاکڙي ۾ وڏي انگ ۾ شوقينن شرڪت ڪئي. تقريب جو خاص مهمان پيپلز پارٽي اڳواڻ بشير بلوچ، شبير کونهارو هئا. اعزازي مهمان وزير علي شيخ، علي نواز گوندل، لياقت ابڙو، علي نواز زرداري، صادق سرائيڪي، عبدالشڪور ڪاڪڙ، اجمل خان ۽ ٻيا هئا. ملاکڙي ۾ بهترين ملهون ماري پهريون انعام خير محمد ڀٽي، ٻيو انعام عبدالجبار گلدستو، ٽيون انعام ماجد چانڊيو ماڻيو، ملاکري جي نگراني بهرام خاصخيلي ڪئي، انائونسمينٽ عبدالستار خاصخيلي ڪئي. سنڌ اسپورٽس بورڊ طرفان ڪامياب ملهه پهلوانن ۾ انعام ورهايا ويا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *