سعيد اجمل ۽ محمد حفيظ کان پوءِ خرم منظور جو بالنگ ايڪشن به شڪي قرار

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي جادوگر اسپنر سعيد اجمل ۽ محمد حفيظ کان پوءِ خرم منظور جو بالنگ ايڪشن به شڪي قرار ڏنو ويو آهي. خابرو اداري موجب ڪولمبو ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا اي ٽيمن جي کيڏجندڙ فرسٽ ڪلاس ميچ ۾ فيلڊ امپائرن خرم منظور جو بالنگ ايڪشن به شڪي قرار ڏنو، امپائرن خرم منظور جي شڪي بالنگ ايڪشن رپورٽ ميچ ريفريءَ کي به ڏني. واضح رهي ته خرم منظور ٽيسٽ ۽ ون ڊي ۾ پاڪستان ڪرڪيت ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، پر هن اڄ تائين ڪنهن انٽرنيشنل ميچ ۾ بالنگ نه ڪرائي هئي. سعيد اجمل ۽ محمد حفيظ جي بالنگ ايڪشن ۾ تبديليءَ کان پوءِ آءِ سي سيءَ کان منظور ڪرائي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *