سعيد اجمل پنهنجي بالنگ ايڪشن جي غيررسمي ٽيسٽ اڄ ڏيندو

لنڊن (اسپورٽس نيوز)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان معطلي جو شڪار آف اسپنر سعيد اجمل جي بالنگ ايڪشن جي غير رسمي ٽيسٽ (اڄ) سومر ڏينهن انگلينڊ جي هڪ ليب ۾ ٿيندي. ايڪشن درست هجڻ جو گرين سگنل ملڻ تي پي سي بي ورلڊ ڪپ کان پهرين آءِ سي سي کان ٻيهر جائزو وٺڻ جي درخواست ڪندو. سعيد اجمل کي غير قانوني بالنگ ايڪشن جي ڪري اڄ ڪلهه آءِ سي سي طرفان معطلي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ۽ ثقلين مشتاق جي نگراني هيٺ پنهنجو ايڪشن درست ڪرڻ جي حوالي سان هو سرگرم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *