سعيد اجمل بالنگ ايڪشن بدلائڻ کان پوءِ بهتر ڪارڪردگي پيش ڪرڻ ۾ مصروف

لنڊن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپن بالر 37 سالن جي سعيد اجمل بالنگ ايڪشن بدلائڻ کان پوءِ پنهنجي بهتر ڪارڪردگي پيش ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. ووسٽر شائر طرفان کيڏندي گذريل هفتي سعيد اجمل نورٿاپٽنشائر خلاف پنهنجي پهرين ميچ ۾ 53 رنسون ڏئي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ ان ٽيم خلاف ٿيندڙ ٻي ميچ ۾ 26 رنسون ڏئي 2 رانديگرن کي پويلين موٽايو. انگلينڊ جي ڪرڪيٽر معين عليءَ چيو ته پاڪستاني اسپنر اهو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هو ڪاميابيءَ طرف واپس اچي رهيو آهي. هن ووسٽر شائر ڪرڪيٽ ڪلب جي ويب سائيٽ سان ڳالهائيندي چيو ته سعيد اجمل جي واپسي تمام سٺي ڳالهه آهي ۽ مان ان ڳالهه تي يقين ٿو رکان ته هو اڃا به دنيا جو بهترين اسپنر آهي. سندس چوڻ هو ته سعيد اجمل جي ايڪشن ۾ بدلاءُ آيو آهي، پر ڪجھه ئي ڏينهن ۾ سندس ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري آئي آهي. معين عليءَ وڌيڪ چيو ته سعيد کي هڪ سٺي چئن ڏينهن واري ميچ ملي وڃي ته سندس فارم بحال ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *