سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز اي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ (سڀاڻي) شروع ٿيندي

همبنٽوٽا (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز اي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين چئن ڏينهن واري ميچ (سڀاڻي) ڇنڇر کان همبنٽوٽا ۾ کيڏي ويدي، تفصيل مطابق ويسٽ انڊيز اي ٽيم ڪارلوس براٿيويت جي قيادت ۾ سريلنڪا ۾ موجود آهي، جتي هوءَ ٽي ٽيسٽ ميچ ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 11 کان 14 آڪٽوبر تائين همبنٽوٽا ۾، ٻئين ميچ 18 کان 21 آڪٽوبر تائين ماترا جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ 25 کان 28 آڪٽوبر تائين موراتوا ۾ کيڏي ويندي، ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ پهرين نومبر تي دمبولا ۾ کيڏي ويندي، ٻي ون ڊي 3 نومبر جڏهن ته ٽين ۽ آخري ون ڊي 5 نومبر تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *