سريلنڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽين ون ڊي ميچ اڄ کيڏي ويندي

همبنٽوٽا (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽين انٽرنيشنل ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ اڄ اربع تي همبنٽوٽا ۾ کيڏي ويندي. آءِ لينڊرز کي 7 ميچن جي سيريز ۾ 0-2 تان سرسي حاصل آهي. سريلنڪا انگلينڊ کي پهرين ون ڊي ۾ 25 رنسن ۽ ٻئي ون ڊي ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي چوٿين ون ڊي 7 ڊسمبر، پنجين ون ڊي 10 ڊسمبر ڇهين ون ڊي 13 ڊسمبر جڏهن ته ستين ۽ آخري ون ڊي 16 ڊسمبر تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *