سريلنڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ 7 ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ (سڀاڻي) اربع تي آرهر سيماداسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي لاءِ بيان ڏنا آهن ۽ ان اعتبار سان توقع ڪئي پئي وڃي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز سخت هوندي. واضح رهي ته انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ 7 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 26 نومبر تي آر ڀريما داسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. ٻي ون ڊي ميچ 29 نومبر تي ڪولمبو، ٽين 3 ڊسمبر تي همبنوٿا، چوٿين 7 ڊسمبر تي ڪولمبو، پنجيب ۽ ڇهين ون ڊي ترتيوار 10 ۽ 13 ڊسمبر پالي ڪيلي جڏهن ته ستين ۽ آخري ون ڊي 16 ڊسمبر تي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *