ساف وومين فٽبال چيمپن شپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جي ٽيم پاڪستان پهچي وئي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)ساف وومين فٽبال چيمپيئن شپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جي ٽيم اسلام آباد پهچي وئي آهي. بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي يوٿ ڊولپمينٽ آفيسر محمد عرفان خان نيازي سان گڏ ٻين آفيشلز ٽيم جي رانديگرن ۽ آفيشلز جو استقبال ڪيو ۽ گلدستا پيش ڪيا. ساف وومين فٽبال چيمپيئن شپ جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ کيڏي پئي وڃي ۽ چيمپيئن شپ ۾ اٺن ملڪن جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *