زيڪو فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جي صدارت لاءِ چونڊ وڙهڻ جي خواهش ڏيکاري ڇڏي

برازيل (اسپورٽس نيوز) برازيل جو مشهور رانديگر زيڪو فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جي صدارت لاءِ چونڊ وڙهڻ جي خواهش ڏيکاري آهي. 62 سالا اڳوڻي برازيلين رانديگر جو پورو ناليو آرٿر ڪوئمبرا آهي. سندس چوڻ هو ته فيفا ۾ ٿيندڙ مبينا گھوٻين کيس اداس ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته فيفا جي تازي صدر سيپ بلاٽر گذريل مهيني پنجون ڀيرو تنظيم جو صدر چونڊجڻ کان پوءِ چئن ڏينهن جي اندر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. سيپ بلاٽر جي استعيفيٰ آمريڪي ۽ سوئس عملدارن طرفان فيفا ۾ ٿيندڙ مبينا گھوٻين جي جاچ بعد سامهون آيو هو. ريو ڊي جنيرو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي زيڪو چيو ته اها شيءِ اسان جي راند لاءِ خراب آهي، فٽبال ۾ گھوٻيون ڏسي رهيا آهيون ۽ ڪيترن ئي ماڻهن طرفان ڪيل محنت زيان ٿي وئي. انهن حالتن ۾ مان سمجھان ٿو ته اهو منهنجو فرض آهي ته مان پنهنجي تجربي ۽ علم کي استعمال ڪندي فيفا جي صدار جي چونڊ وڙهان. جيتوڻيڪ زيڪو سڄي دنيا ۾ فٽبال کيڏي چڪو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *