زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ جو 4 رڪني وفد لاهور پهچي ويو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ سيريز کان پهرين سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ جو 4 رڪني وفد لاهور پهچي ويو، زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڪيمبل جي قيادت ۾ 4 رڪني وفد رات دير سان لاهور پهتو، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. وفد اڄ منجهند قذافي اسٽيڊيم ۽ نيشنل هاڪي اسٽيڊيم جو دورو ڪندو ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺندو، وفد کي حڪومتي ۽ پي سي بي جا آفيسر سيڪيورٽي انتظامن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندا، زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم 19 مئي کان 31 مئي تائين پاڪستان جو دورو ڪندي، پروگرام مطابق زمبابوي ٽيم 3 ون ڊي ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي مئچون کيڏندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *