زمبابوي دوري کان پوءِ ٻيون ٽيمون به پاڪستان ڏانهن رخ ڪنديون:شهريار خان

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه شهريار خان اميد ڏيکاري آهي ته زمبابوي دوري کان پوءِ ٻيون ٽيمون به پاڪستان ڏانهن رخ ڪنديون.ڪالهه ميڊيائي نُمائندن سان ڳالهائيندي ان ڏس ۾ هن ايشين ٽيمن کي اڳتي اچڻ تي زور ڀريو. 2009ع دوران لاهور ۾ سريلنڪن ٽيم تي دهشتگردن جي حملي کان پوءِ زمبابوي پاڪستان جو دورو ڪندڙ پهرين ٽيسٽ ٽيم آهي. شهريار خان جو چوڻ هو ته پاڪستان اڃا تائين سِکي رهيو آهي ته مهمان ٽيمن کي ڪيئن محفوظ ترين سڪيورٽي ڏني ويندي آهي، پر  پوءِ به ان دوري مان ثابت ٿي ويندو ته پاڪستان مهمان ٽيمن جي حفاظت ڪري سگھي ٿو. هن چيو ته اسان سيريز بابت پراميد آهيون ڇو ته اميد آهي ته ان اڳڀرائيءَ کان پوءِ مستقبل ۾ ٻين ٽيمن جي لاءِ به دروازا کُلي ويندا. سڀ کان اهم ڳالهه اها ته ان سان اسان کي، حڪومت ۽ سڪيورٽي ايجنسين کي تجربو ٿيندو ته مهمان ٽيمن کي ڪهڙيءَ طرح وڌيڪ بهتر سڪيورٽي ڏئي ٿي سگھجي. پاڪستان پاڙيسرين انڊيا ۽ بنگلاديش کي دورن جون دعوتون ڏئي چڪو آهي، شهريار خان موجب وقت اچي ويو آهي ته ننڍي کنڊن جون ٽيمون زمبابوي کي مثال بڻائي اسان جو دورو ڪن. هن چيو ته انڊيا، سريلنڪا ۽ بنگلاديش کي گھرجي ته هو پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ بحال ڪرڻ جي ڪوششن ۾ اسان جي مدد ڪن. خان اڄ کيڏجندڙ پهرين ٽي ٽوئنٽي جي سڪيورٽي بابت ٻڌايو ته قذافي اسٽيڊيم جي چوڌاري علائقن کي بند ڪري سگھجي ٿو. قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسيون جيمرن جو سهارو وٺنديون ۽ شوقينن کي ميٽل ڊٽيڪٽرن سميت سڪيورٽيءَ جي ٽِن تَهن مان گذرڻو پوندو. پي سي بي چيئرمين ٻڌايو ته اسٽيڊيم جي چؤڦير موجود دڪانن ۽ ريسٽورينٽن کي ٻڌايو ويو آهي ته هو دوري دوران ڪاروبار نه ڪن.هن پاڪستاني شوقينن کي درخواست ڪئي ته هو ٿورا مڃڻ خاطر زمبابوي ٽيم جو گرائونڊ ۾ ساٿ ڏين. زمبابوي دٻاءَ باوجود پاڪستان جو دورو ڪري اسان سان تمام وڏي سهڪار ڪئي آهي، ان ڪري عوام کي درخواست ٿو ڪيان ته هو گرين شرٽن سان گڏوگڏ مهمان ٽيم کي به ڀرپور داد ڏين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *