زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم هلندر مهيني بنگلاديش جو دورو ڪندي

هراري (اسپورٽس نيوز) زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني بنگلاديش جو دورو ڪندي، جتي هوءَ ٽن ٽيسٽ ۽ پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي. زمبابوين ٽيم دوري جي شروعات ٽن ڏينهن جي وارم اپ ميچ سان ڪندي ۽ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽي ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ 25 کان 29 اڪٽوبر تائين شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي، ٻي ٽيسٽ 3 کان 7 نومبر تائين شيخ ابو ناصر اسٽيڊيم کلنا جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽيسٽ 12 کان 16 نومبر تائين ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم چٽاگانگ ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 21 نومبر، ٻي 23 نومبر، ٽين 26 نومبر، چوٿين 28 نومبر جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ پهرين ڊسمبر تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *