زمبابوي جي سيڪيورٽي ٽيم ايندڙ هفتي پاڪستان ايندي: شهريارخان

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان چيو آهي ته زمبابوي ڪرڪيٽ جو پاڪستان جو دورو 99 سيڪڙو طئي آهي ايندڙ هفتي زمبابوي جي سيڪيورٽي ٽيم پاڪستان ايندي جڏهن ته سيڪيورٽي ٽيم جو پاڪستان جو دورو فقط رسمي ڪارروائي آهي ميڊيا رپورٽ مطابق زمبابوي جي سيڪيورٽي ٽيم جي دوري جي ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي سيڪيورٽي مئنيجر ڪرنل اعظم کي هنگامي طور تي ڍاڪا مان پاڪستان طلب ڪري ورتو ڪرنل اعظم پاڪستاني ٽيم جوس يڪيورٽِ آفيسر آهي ۽ کيس زمبابوي جي عملدارن سان رابطي لاءِ پاڪستان سڏايو ويو آگسٽ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم زمبابوي جو جوابي دورو ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *