زرعي يونيورسٽي ۾ 20 ميچ، وٽرنري فيڪلٽي جي ٽيم اعجاز شاهه اليون ڪامياب

ٽنڊوڄام(اسپورٽس نيوز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انٽرفيڪلٽي ٽي ٽوونٽي ڪرڪيٽ چيئمپين شپ جي چوٿين ڪوارٽر فائنل ۾ وٽرنري فيڪلٽي جي ٽيم اعجاز شاهه اليون ڪامياب، سيمي فائنل جا مقابلا موڪلن بعد ٿيندا، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انٽرفيڪلٽي ٽي ٽوونٽي ڪرڪيٽ چيئمپين شپ جا مقابلن ۾ ڪالهه چوٿون ڪوارٽر فائنل وٽرنري فيڪلٽي جي اعجاز شاهه اليون ۽ ڪراپ پروٽيڪشن فيڪلٽي جي عرفان جٽ اليون وچ ۾ ٿيو، وٽرنري فيڪلٽي جي اعجاز شاهه اليون ٽاس کٽي پهريون بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 129 رنسون ٺاهيون ۽ بيٽسمين اعجاز شاهه 43 رنسون اسڪور ڪيون، موٽ ۾ ڪراپ پروٽيڪشن فيڪلٽي جي عرفان جٽ اليون صرف 87 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، وٽرنري فيڪلٽي جي اعجاز شاهه اليون جي بائولر سردار احمد 7-وڪيٽون ورتيون، اهڙي ريت وٽرنري فيڪلٽي جي اعجاز شاهه اليون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته چئمپين شپ جو پهريون سيمي فائنل سي پي ڊي فائٽرز ۽ آئي ٽي سي هيروز وچ ۾، ٻيو سيمي فائنل سوشل سائنسز ٽائيگرز ۽ ڊي وي ايم جي ڊاڪٽرز اليون وچ ۾ ٿيندو، ٻئي طرف سيمي فائنل ۽ فائنل جا مقابلا يونيورسٽي جي ويڪيشن ختم ٿيڻ بعد ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *