ريجس چيڪوا جي بنگلاديش خلاف ٻئي ٽيسٽ ۾ ڪيريئر جي پهرين سينچري

کلنا (اسپورٽس نيوز)زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين ريجس چيڪوا بنگلاديش خلاف ٻئي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ سينچري اسڪور ڪئي، اها سندس ڪيريئر جي پهرين سينچري آهي، کلنا ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن زمبابوي بيٽسمين ريجس چيڪوا شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي سينچري اسڪور ڪئي، هن 6 ٽيسٽ ميچون کيڏڻ کان پوءِ ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪئي، چيڪوا 101 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *