روز ٽيلر کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 5 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 34 رنسون گهربل

هيملٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي نالي واري بيٽسمين روز ٽيلر چيو آهي ته هو ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي پول اي جي پهين ۽ آخري ميچ ۾ ون ڊي ڪيريئر جون پنج هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ورلڊ ڪپ جي پول اي جي اهم ميچ 13 مارچ تي هيلمٽن ۾ کيڏي ويندي، ميگا ايونٽ ۾ شامل ٻنهي ٽيمن جي اها ڇهين ۽ آخري ۽ پول ميچ هوندي ۽ ٻئي ٽيمون اڳ ئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن، روز ٽيلر کي ون ڊي ڪيريئر جون 5 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 34 رنسون گهربل آهن، هو اهو اعزاز حاصل ڪندڙ چوٿون ڪيوي بيٽسمين بڻجي ويندي، ان ڳالهه جو امڪان آهي ته ٽيلر هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش خلاف ميچ ۾ اهو اعزاز حاصل ڪري وٺندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *