روايتي مخالف ڀارت سان ڪرڪيٽ لاڳاپن جي بحالي چاهيان ٿو: اظهر علي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ملڪي ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته هو روايتي مخالف ڀارت سان ڪرڪيٽ لاڳاپن جي بحالي چاهي ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته ويجهي مستقبل ۾ ٻئي ٽيمون ٻه طرفي سيريز ۾ ميدان ۾ ڏٺيون وينديون، ان کان اڳ ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مصباح الحق به اهڙي ئي خواهش جو اظهار ڪري چڪو آهي، هڪ انٽرويو ۾ اظهر علي چيو ته ڀارت خلاف کيڏڻ هر پاڪستاني رانديگر جي خواهش هوندي آهي، ڀارت خلاف کيڏڻ ان ڪري به سٺو آهي ڇو ته هر رانديگر جي اها دلي خواهش هوندي آهي ته هو ڀارت خلاف پرفارم ڪري، پر اهو فيصلو ڪرڻ ڪرڪيٽ اختيارين ۽ حڪومتن جو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن اسان پاڪ – ڀارت سيريز ڪرائڻ ۾ ڪامياب وڃون ٿا ته اهو گهڻو سٺو هوندو. هن وڌيڪ چيو ته مان بدلجندڙ ڪرڪيٽ جي تقاضائن کي ذهن ۾ رکي بيٽنگ ڪري رهيو آهيان، هن چيو ته مون کي چڱيءَ طرح اندازو آهي ته هاڻي ڪرڪيٽ بدلجي وئي آهي، شروع کان اوهان کي ٽيمپو برقرار رکڻو پوندو آهي ۽ وڪيٽون ڪرڻ جي صورت ۾ به رن ريٽ ڪيرائڻو ناهي هوندو. اظهر عليءَ ان تاثر کي غلط قرار ڏنو ته سڀ فيصلا ڪوچ وقار يونس ڪندو آهي ۽ هو ڪنهن ٻئي کي اهميت ناهي ڏيندو، هن چيو ته سڀ فيصلا گڏيل صلاح سان ۽ ٽيم جي مفاد ۾ ڪيا ويندا آهن، اوهان ڪنهن مامري تي ڳالهائيندا هجو ته ڪنهن وقت ڪپتان ته ڪنهن وقت ڪوچ قائل ڪندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *