دبئي ٽيسٽ : پاڪستان آسٽريليا کي 221 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان دبئي ٽيسٽ ۾ يونس خان، سرفراز احمد، ذوالفقار بابر ۽ ياسر شاهه جي شاندار ڪارڪردگي عيوض آسٽريليا کي 221 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. رنسن جي لحاظ کان اها پاڪستان جي آسٽريليا خلاف سڀ کان وڏي فتح آهي. گرين شرٽس راند جي سمورن شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڪينگروز کي هر شعبي ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو. 138 رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آسٽريليائي ٽيم 216 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ذوالفقار بابر 5 ۽ ياسر شاهه 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. ميچ ۾ 2 سينچريون اسڪور ڪرڻ تي يونس خان کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *